شيلي واوڙي گهاٽ

شيلي واوڙي گهاٽ: لياري ڪراچيءَ جي مٺي در واري علائقي ۾ شاهه عبداللطيف روڊ (آتمارام پريتم داس روڊ ۽ مساڻ روڊ) سان ڪلريءَ ويندي آغا خان وومين اسپتال کانپوءِ گٽر نالي لڳ هيڊي پٿر جي هڪ زبون عمارت نظر ايندي، جنهن کي اڳي ‘شيلي واوڙي گهاٽ’ چيو ويندو هو، جو اها اشنان جي جاءِ هوندي هئي. اهو گٽر اڳ ۾ لياري ندي هئي، جنهن جي ڪناري تي اهو گهاٽ ٺهيل هو. هن زبون حال جاءِ ۾ هاڻي به هندو رهن ٿا. انهي لياريءَ جي چاڙهه تي ٻيا اهڙا گهاٽ هوندا هئا جن ۾ چاڪي گهاٽ ۽ مندر، کتري پئچان گهاٽ، وشنو ڀائي ۽ شو جگديش مندر مشهور هئا، جن جو وجود هاڻي ڪو نه آهي.
(حوالو: ‘ڪراچي سنڌ جي مارئي’، ٻيو ڇاپو، ص 570)


هن صفحي کي شيئر ڪريو